اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ع??ام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف و??زي?? تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ??لهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني ع??ام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف و??زي?? تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي ع??ائقو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري ع??ام جي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.