اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان برطانيا پاران باضابطا طور تي پاڪستان کي ”هائي رسڪ ٿرڊ ڪنٽريز“ جي ??هرست مان ڪڍڻ جي ??دم جي آجيان ڪندي ان کي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قدم 21 آڪٽوبر تي فنانشل ٽاسڪ فورس جي ??يصلي موجب کنيو ويو آهي. ترجمان چيو ته برطانيا جي ??ارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي ??الي معاونت جي ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ پاڪستان پاران ڪيل اڳڀرائي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان برطانيا جي ان قدم جي آجيان ڪريون ٿا، اميد آهي ته ٻيا ملڪ به ان ڏس ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪنداسين. ترجمان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ??ڪر ڪندي چيو ته پاڪستان دنيا کي اهو ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد ۽ پائيدار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي انعقاد ۾ مضمر آهي، ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جو ??ق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين سميت هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي مسلمانن جي آبادي جو ??ناسب تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪارروائي ۽ حربن کان روڪي، ڀارتي حڪومت کي فوري طور تي انهن سمورن قدمن کي ڪالعدم ڪرڻو پوندو جن جو مقصد ڪشميري عوام جي جمهوري اڪثريت ۽ ان جي ??سلي سڃاڻپ کي ک سڻ آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي ??حشياڻي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل سان منسوب بيان جي غلط تشريح ڀارت کي پنهنجي غيرذميواراڻي ائٽمي رويي کان بري الذمه قرار ڏيڻ جي ??ڪ مڪروهه ڪوشش آهي، پاڪستان جي سرزمين تي ائٽمي صلاحيت رکندڙ براهموس ميزائيل فائر ڪرڻ جي ??اقعي هڪ ائٽمي رياست جي طور تي ڀارت جي طرزعمل بابت ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي جيڪو عالمي برادري جي ??اءِ ڳڻتي جو ??بب بڻجندو رهڻ گهرجي. ترجمان چيو ته 2021ع جي داسو دهشتگرد حملي ڪيس جي ??يصلي هڪ ڀ??رو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ??ڪي عزم جو ??ظهار ڪيو آهي. اسان هڪ ڀ??رو ٻيهر متاثرين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو ??ظهار ڪيو آهي، پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي ??اءِ پرعزم آهيون. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته دشمن قوتون پاڪ چين گهڻ رخي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.