استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفا??ي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لا??ِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته ترڪ??ه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، دفا??ي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لا??ِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي لا??ِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ ترڪيه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لا??ِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته ان سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لا??ِ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لا??ِ ترڪ??ه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪ??ه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪيءَ سان واپار ۾ اضافي جي لا??ِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ترڪيه ڪمپنين جي لا??ِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لا??ِ آساني پيدا ڪرڻ جي لا??ِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مختلف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفا??ي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ترڪيه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.