اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) عورت شعبي جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر پارليامينٽرين نجمه حميد جي لاڏاڻي تي تعزيت ??ي لاءِ سندس گهر ويو ۽ پونئيرن سان تعزيت ??و اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم مرحومه جي پٽن، ڀيڻ طاهره اورنگزيب ۽ ڀاڻيجي اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان تعزيت ڪئي. وزيرا??ظم مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيرا??ظم ملڪ، جمهوريت ۽ پارٽي جي لاءِ مرحومه نجمه حميد جي خدمتن تي ان جي لاءِ خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته مرحومه پارٽي جو هڪ قيمتي اثاثو هو.