اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪئ??اڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صد?? ۾ منعقد تقريب دوران پنهنجون ??فارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب ڪئ??اڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا جي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا جي غيرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صد?? سان جدا جدا ملاقات ڪئ??. صد?? ڪئ??اڊا جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪئ??اڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ڪئ??اڊا سان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون ??و خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ وڏي اقتصادي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪئ??اڊا جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ موجود موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان پاڪستان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صد?? سان ڪئ??اڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هو. پاڪستان ۾ آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ پڻ صد?? سان ملاقات ڪئ??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آسٽريا سان لاڳاپن کي ٻطرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي سيڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا جي ڪمپنين کي فائ??و کڻڻ گهرجي. صد?? چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ خصوصي اقصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون ??ا وسيع موقعا موجود آهن. صد?? اميد ظاهر ڪئ?? ته نئون ??فير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صد?? ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا سميت پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صد?? شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي پڻ ملاقات ڪئ??. هن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان پاڪستان جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پاڙون ??کندڙ آهن. صد?? شامي حڪومت پاران پاڪستاني زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي دوستاڻي قدم کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون ??ڏامون هلائڻ جي فيصلي کي پڻ ساراهيو. سربيا جي غيررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صد?? عارف علوي سان ملاقات ڪئ??. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان 22 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا پاڪستان جي افرادي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائ??و کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جا هنرمند نوجوان تعميراتي شعبي ۾ سربيا جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي سفير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئ??. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صد?? چيو ته پاڪستان جي سيڙپڪاري جون پاليسيون لبرل آهن، پاڪستان جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صد?? چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سلوواڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.