اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير حنا رباني کر دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير حنا رباني کر لنڊن ۾ ٿيندڙ 22 هين ڪا??ن ويلٿ منسٽر فارن افيئرز ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪا??ن ويلٿ ڊي سروس ۽ بڪنگهم پيلس ۾ دولت مشترڪه جي جنرل سيڪريٽري پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ان موقعي تي ممل??تي وزير عالمي ۽ علائقائي صورتحال بابت پاڪستان جو موقف ۽ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن تي انهن جي اثرن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن دولت مشترڪه تي زور ڏنو ته اها پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ نئون مالياتي ذميوار ماڊل تيار ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري ته جيئن موجوده قرضن جي بار جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. ممل??تي وزير موسمياتي تبديلي تي عالمي تعاون جي اهميت ۽ موسمياتي موافقت جي لاءِ اهم، اضافي ۽ متوقع مالي وسيلن جي دستيابي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ڊيميج فنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بورڊ آف گورنرز پاران دولت مشترڪه کي جديد بڻائڻ جي قدم جي توثيق ڪئي. پاڪستان بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان انتظاميا ۽ پروگرام تي ورڪنگ گروپ جي قيادت ڪندو. ممل??تي وزير دولت مشترڪه جي تقريبن جي موقعي تي برطانيا جي ترقي واري ممل??تي وزير اينڊريو مچل، گهانا جي پرڏيهي معاملن ۽ علائقائي انضمام واري وزير شرلي ايور ڪوربوچوي، سريلنڪا جي پرڏيهي وزير ايم يو ??يم علي صابري سان ملاقات ڪئي. هن ڪينيا جي پرڏيهي ۽ ڊاسپورا معاملن واري ڪبنيٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر الفريد متوا، ڪ??نا??ا جي پرڏيهي وزير واري پارلياماني سيڪريٽري ايم بي رابرٽ اولي فينٽ ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان پڻ ملاقات ڪئي.