اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو م??قع?? مليو ??هي، منهنجي دعا آهي ته اسا?? سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. ه?? پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ??ه منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ??ه منهنجي دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سان الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ اسا?? سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.