اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، قوم?? اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي اي?? ڊبليو او، ڊي جي اي?? اي?? سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لين?? اسڪي??نگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي لين?? اسڪي??نگ ڪرڻ وقت عالمي معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي ج?? اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.