اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اڄ اڱاري ڏينهن سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏينهن اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ محدود وسيلن ۽ ان کي ب??اختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??. قومي سطح تي منصوباب??دي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آه?? ته اڄ سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ موجود محدود وسيلن ۽ ان کي ب??اختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??. قومي سطح تي منصوباب??دي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. ڪو به اسرندڙ ملڪ آبادي ۽ وسيلن جي توازن کانسواءِ پنهنجي ترقي جا هد?? پورا نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به ملڪ چاهي ڪيترو به وسيلن کان مالامال ڇو نه هجي، آبادي ۾ تيزي سان اضافو ان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. هن سال آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”صنفي برابري جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ“ آه??. اچو هن ڏينهن اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ جي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ برابري سان انهن جي صلاحيتن جي ڀرپور استعمال سان ملڪي ترقي جا هد?? پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻون. پاڪستان جي ب??صلاحيت عورتن جي قومي ڌارا ۾ شموليت اسان جي ملڪي ترقي ۽ افرادي قوت جي سگهه وڌائڻ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي. صنفي برابري رڳو انساني حقن جو مسئلو نه آه?? پر اهو معاشي ضرورت به آه??. پاڪستان جي معاشي ترقي آبادي جي وچ ۾ برابري کانسواءِ ممڪن نه آه??. موسمياتي تبديلي، عالمي سطح تي تڪرارن ۽ ٻاڙائي جي ڪري اٽڪل سمورا ملڪ پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن ۾ ورتل آه??. صنفي اڻبرابري جي ڪري ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ اڃا به مشڪل ٿي وڃي ٿو. آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڀني ڌرين کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي سان انهن جي سگهه ۾ اضافو ڪن. منهنجي نظر ۾ ترقي جو صحيح نظريو ماڻهن جي ڀلائي تي ٻڌل آه??، اسان کي ان حوالي سان ماڻهن ۽ پاليسي سازن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻو پوندو.