اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ??يف سان معاهدي جو احترام جاري رکندي، اليڪشن کانپوءِ عوام جيڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ??يف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم آءِ ايم ??يف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ??يف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ??يف کي ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مون کي يقين آهي ته و??يراعظم شهباز شريف پنهنجي واعدن کي پورو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ??يف چيو ته و??يراعظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پورو ڪرڻ جي دانشمندي جو عزم ڏيکاريو. وزيراعظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري اها لائق تحسين ۽ قابل تعريف آهي ۽ ان ئي سبب اسان پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ??يف وچ ۾ هاڻي مضبوط شراڪتداري ۽ گڏيل اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ??يف جو اهم ميمبر آهي، آءِ ايم ??يف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن وزيراعظم سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو قيمتي ل??ظن تي ايم ڊي آءِ ايم ??يف جو شڪر گذار آهي. وزيراعظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ??يف راست گوئي ۽ هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ??يف سان معاهدي جو احترام جاري رکندي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام اسان کي چونڊيو ته آءِ ايم ??يف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهترين ۽ لذيذ ترين انب پيدا ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ??يف لاءِ احترام جي جذبي طور هو انبن جو تحفو موڪلي رهيو آهي. وزيراظم ايم ڊي آءِ ايم ??يف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي ??رح پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ??يف سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏجي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم پنهنجي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ??يف جي شرطن تي هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جوابن سان آءِ ايم ??يف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿي. وزيراعظم ٻنهي ڌرين کي معاهدي تي متفق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.