اسلام آباد – 19 ?? جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ ع??لمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي ??هر??ن اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ باصلاحيت ۽ بهترين ڪ??رڪ??دگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ راندين جي تربيت ۽ ٻين ق??من سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪ??رڪ??دگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته قدم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن ق??من جو تسلسل قائم رکندي.