اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستا?? سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي، اي پورٽل سڄي دنيا ما?? سياحن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سيا??تي ماڳ آهن ۽ خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار و??يراعظم محمد شهباز شريف ”سلام ??اڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت م??ظر?? سان نوازيو آهي، خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سيا??تي ماڳن کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عون چوڌري جي سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي لاءِ سلام ??اڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.