اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسي?? خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثو??ب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تعزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، ??لل?? تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثو??ب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.