اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان پرڏيهي وزارت پا??ان طورخم ۾ پاڪ – افغ??ن سرحد جي بندش بابت افغان پرڏيهي وزارت جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته عبوري افغان عملدار طورخم تي پاڪستان افغانست??ن سرحد جي عارضي بندش جي سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي اندر ??بوري افغان حڪومت پا??ان ڪنهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان فوجين کي اهڙي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال انگيز فائرنگ جو سهارو ورتو، پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان ۽ افغان شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سرحد چوڪين تي اهڙي قسم جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال انگيز فائرنگ سان ??هش??گرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصرن جي افغانستان جي اندر پناهگاهون آهن جنهن جي تصديق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پا??ندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اس??ن سدائين چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته افغانست??ن س??ن سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي، پاڪستان پاڪ افغ??ن سرحد تي مقرر افغان فوجين پا??ان مسلسل بنا جواز اشتعال انگيزين جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي. ترجمان چيو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته سرحد تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغ??ن سرزمين پاڪستان جي اندر ??هش??گرد حملن جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ پاڪستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت ف??اهم ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪست??ن سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري عملدار پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندا. پاڪستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته افغ??ن سرزمين پاڪستان جي خلاف ??هش??گرد حملن جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.