اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن ٻه رياستي حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري فلسطيني عوام جي تڪليفن جو احساس ڪندي غزه ۾ اسرائيلي ظلم روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجدالحرام جي امام خطيب ڊاڪٽر صالح بن عبدالله حميد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستا?? ۾ ??عودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پڻ ملاقات ۾ شريڪ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ غزه جي صورتحال، اسلامو فوبيا ۽ اسلامي دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امام خطيب جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ ??هترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر صالح بن عبدالله حميد چيو ته مسلمان دنيا فلسطين مسئلي تي متفقه موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻه رياستي حل جي بنياد تي فلسطينين کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. هن چيو ته فلسطي?? ۾ ??اري تشدد ۽ ظلمن جي خاتمي جي لاءِ مسلمان دنيا جي گڏيل ڪوششن ۽ انساني همدرديءَ ۽ سفارتي مدد جي ضر??رت آهي. صدر اهم مسئلن تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. هن مسلم قومن کي درپيش گڏيل چ??لينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن جي و?? ۾ ??تحاد ۽ يڪجهتي جي ضر??رت تي زور ڏنو. صدر سعودي عرب ايران لاڳاپن جي بحالي جي لاءِ سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان واپار ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ملندو. هن يمن، شام ۽ سو??ا?? ۾ ??من ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي قدمن کي پڻ ساراهيو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاشي مدد سان گڏوگڏ انساني امداد ۽ خاص طور تي پاڪستا?? ۾ ??عليم ۽ صحت جي شعب?? ۾ ??رقياتي منصوب?? ۾ ??عاون تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص طور تي ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڀرتي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو آبادياتي تناسب بدلائي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صالح بن عبدالله حميد پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.