برسلز – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستان بيلجيئم پا??لياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ يورپي پا??ليامينٽ ميمبرن راسا جڪنيوسين، فوبيا ماسيمو ڪاسٽالڊو، آنگاهاگا، برن هارڊ زيمنيوڪ، ٿامس زيچو وسڪي ۽ هروجاون شريڪ هئا. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفي گهڻي رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن يورپي پا??ليامينٽ ميمبرن کي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت پا??ان معصوم ڪشمي??ين تي جاري ظلمن جو سلسلو بند ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اظهار جي آزادي جي پا??ندين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن سان تعاون جي گهرجائو آهيون، پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب معصوم ڪشمي??ين کي انهن جو جائز حق خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي معاونت جاري رکندو. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيئم پا??لياماني فرينڊ شپ گروپ ي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فورغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي يورپي يونين، ب??لجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.