اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران ??رڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني 16 کان 22 جنوري 2024ع تائين ڪمپالا يوگنڊا جو دورو ڪري رهيو آهي، جتي هو 17 کان 20 جنوري 2024ع تائين غيروابسته تحريڪ جي مملڪتي اڳواڻن ۽ 19 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، ٽيون ڏکڻ سربراهي اجلاس 21 ۽ 22 جنوري 2024ع تي ٿيندو. ??رڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻئي سربراهي اجلاس ميمبرن جي لاءِ عالمي، علائقائي، سياسي ۽ سماجي اقتصادي مسئلن تي گڏ??ل موقف تي غور ڪر?? ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. پراڻي ميمبر طور پاڪستان غيروابسته تحريڪ جي ايجنڊا ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان کي جوڙيو آهي ۽ امن ۽ سلامتي بابت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن جو جواب ڏيڻ ۾ اين اي ايم جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. ??هڙي طرح پاڪستان به 77 ۽ چين جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ پائيدار ترقي، غربت جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلين سميت گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ تعاون کي اعليٰ ترجيح ڏي ٿو. غيروابسته تحريڪ سربراهي اجلاس ۾ نگران ??رڏ??هي وزير عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي بابت مقامي ۽ موجوده عالمي چئلينجن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو گهڻ رخي کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اين اي ايم جي ڪردار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. سائوٿ سمٽ ۾ نگران ??رڏ??هي وزير گڏ??ل چئلينجن تي روشني وجهڻ کانسواءِ خوشحال ۽ گڏ??ل ڏکڻ جي ايجنڊا تي اتفاق راءِ ڪر?? جي لاءِ گلوبل سائوٿ جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ تي پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. ٻنهي سربراهي اجلاسن جي موقعي تي نگران ??رڏ??هي وزير جي ٻين شريڪ ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.