اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي ??عزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايرا??ي پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايرا??ي پرڏيهي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهي??ي پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.