برسلز – 31 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي من??سبت سان تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو. تصويري نمائش جو انعقاد پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي خراب حالت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڄ??ون ۽ ڪسمير جي بهادر فرزندن ۽ ڌيئرن ڀارت جي ڏاڍ جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. اڄ اسان ڪشمير ڪاز جي شهيدن ۽ ڀارتي ظلمن جو شڪار ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ڀارت ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي پائمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ انهن جون قربانيون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير تڪرار جو من??فاڻو حل لازمي آهي. عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي ۽ مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان انهن جي فتح نه ٿيڻ ج??ڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ج?? جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي من??فاڻي جدوجهد جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نگران پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ان قدم جو مقصد ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ انهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪرڻ ج?? اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ آهي.