لاڙڪاڻو – 08 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي چونڊ وڙهندڙ پ??ڪس??ان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بل??ول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نئون د??رو پهتو جتي هن نئون ديري جي گورنمينٽ م??جر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي جيالن اتي بل??ول ڀٽو جي حق ۾ جا نعرا لڳايا ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪري سندس آجيان ڪئي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بل??ول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ هتي لاءِ آيو آهيان، پ??ڪس??ان جي عوام کي درخواست آهي ته هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪرن جيڪو ووٽ انهن جي طاقت آهي ان جو هو ضرور استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو مستقبل عوام جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عام چونڊن دوران موبائيل سروس بند ٿيڻ سان پوري ملڪ ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ۽ چونڊن دوران سهڪار ڪرڻ تي اثر پوندو، جڏهن پولنگ ايجنٽ ۽ آر اوز گڏجي فارم 45 لاءِ ويهندا ته ان دوران وڏيون مشڪلاتون به پيش اچي سگهن ٿيون ، گڏوگڏ سيڪيورٽي يا تشدد جو واقعو ٿئي ٿو ته اهو اطلاع اسان تائين پهچڻ ۾ دير ٿيندي جنهن ۾ عوام جو به نقصان ٿيندو. هن چيو ته موبائيل سروس بند ٿيڻ سان ڪافي رڪاوٽون پيدا ٿينديون، سيڪيورٽي جي لحاظ سان جمهوريت جي نالي ۽ نارمل حالتن جي حوالي سان موبائيل سروس کي في الفور بحال ٿيڻ گهرجي جيڪو پ??ڪس??ان جي عوام جو بنيادي آهي ته جيئن هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان ڏسو ٿا ته جنهن تعداد ۾ ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ته انشاءَ الله منهنجو مينڊينٽ ڪنهن کي ڏئي نه ٿو سگهجي ۽ پ??ڪس??ان پيپلز پارٽي ضروري ڪامياب ٿيندي. هوڏانهن بل??ول ڀٽو زرداريءَ جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي بل??ول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي لڳايل پولنگ ڪئمپن جو دورو ڪري جيا??ن سان ملاقات ڪري چونڊ عمل جو جائزو ورتو بعد ۾ هو روانو ٿي ويو.