ڪراچي-08 فيبروري(اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري مجموعي طور تي پرامن چونڊون ٿيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه کي واڌايون ڏيندي چ??و ته سڄو ڏينهن چونڊ عمل کي مانيٽر ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه سان به رابطي ۾ رهيس. گورنر هائوس جي پريس رليز موجب گورنر وڌيڪ چ??و ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ بهترين ڪوريج تي ميڊيا به واڌاين جي مستحق آهي. افواهن جي ابتڙ صوبي ۾ مجموعي طور تي پرامن چونڊون سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چ??و ته عوام به مبارڪن جو مستحق آهي جنهن پنهنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏنو. اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ۽ معيشت جي بحالي جي ڏس ۾ قدم کڻندي.