اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته نگران حڪومت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، چونڊن واري ڏينهن شهرين، پولنگ عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن کي درپيش خطري سبب موبائيل سروس بند ڪئي وئي جنهن جي وضاحت گهرو وزارت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهرين جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ وڌيڪ اهم هو. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير ??يو ته چونڊن واري ڏينهن موبائيل سرو?? جي معطلي بابت گهرو وزارت وضا??ت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهرين جون زندگيون اهم هيون، شهرين ،پولنگ اسٽاف ۽ پولنگ اسٽيشنن کي خطرا هئا، شهرين جي چرپر کي محفوظ بڻائڻ اسان لاءِ ضروري هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته چونڊن جي عمل ۽ چونڊن جي تاريخ تي هميشه تڪرار رهيا آهن. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن تي به تڪرار هئا. هن ??يو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي. اسان پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته آئين ۽ قانون تحت اقتدار جي منتقلي جو طريقو موجود آهي، چونڊن جا سرڪا??ي نتيجا لاڳاپيل اسيمبلين تائين پهچندا ته موجوده اسپيڪرز اسيمبلين جو اجلاس گهرائيندا، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جڏهن حلف کڻندا ته نگران حڪومتون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.