ڪراچي – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شاهه نوراني روڊ تي زائرين جي گاڏي کي پيش ايندڙ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس پاران جاري پڌرائي موجب صدر حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ??وڳ??ار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي د??ا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهن??ون همدرديون زائرين جي پونئيرن سان گڏ آهن. صدر حادثي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ د??ا ڪئي.