اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جا حل ڳولڻا پوندا، ملڪ جو معاشي اسدتحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري، ڊپٽي ??يئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم سنڌ حڪومت کي درپيش سمورن ترقياتي مسئلن ۽ انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وز??را??ظم سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معيشت جي بنحالي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جا حل ڳولڻا پوندا، ملڪ جو معاسي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي. وز??را??ظم لاڳاپيل وزيرن کي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم ايندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جي مشاورت کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.