راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدا?? محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، ره??ئش ضلع پونڇ آزاد ڄم??ن ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، ره??ئش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، ره??ئش ضلع نيلم آزاد ڄم??ن ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، ره??ئش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄم??ن ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، ره??ئش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄم??ن ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، ره??ئش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عم?? 26 ??ال، ره??ئش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس ن??ئي?? سبز علي شهيد (عمر 34 سال، ره??ئش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قرباني??ن ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.