لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ??وڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌ??ئي آهي. دهشتگردي ??وڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌ??يو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪ?? ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو ??واد رکڻ جي الزام ۾ ڪ??س داخل آهي، جوابدار عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ خ??اف 2023ع ۾ ڪ??س داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو ??واد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌ??يو.