اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف فلسط??ني?? جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سان واڳيل انساني معاملن تي گڏيل قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد ج??م آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته گڏيل قومون جي تازي رپورٽ خوفناڪ ۽ معصوم فلسط??ني?? جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ شاهدي ڏئي رهي آهي ته ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ ??ي گناهه فلسط??ني?? جو رت نه وهايو ويو هجي. وز??راعظم چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو فلسطيني ٻار بڻجي رهيا آهن، صاف نظر اچي رهيو آهي ته اسرائيل فلسط??ني?? جو نسل ختم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فلسط??ني?? جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک فلسط??ني?? جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وز??راعظم چيو ته صرف ٻن ڏينهن ۾ 146 فلسط??ني?? کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سان اسرائيل جي ظلم جي رفتار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سان فلسط??ني?? جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم چيو ته اتر غزه ۾ صرف هڪ سيڪڙو ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار سيڪڙو ٻارن کي خوراڪ ملي رهي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي ع??م فلسط??ني?? جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وز??راعظم چيو ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد ج??م آهن، وز??راعظم شهباز شريف چيو ته انسانيت جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، مظلومن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان فلسط??ني?? خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.