ا??لا?? آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس 2024ع ۾ مردن جي جيولين ٿرو ۾ شاندار ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم کي هلال امتياز جي اعزاز سان نوازيندي سندس لاءِ پنهنجي پاران 10 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڊومنٽ فنڊ ۾ 250 ملين رپين جو حصو وجهڻ لاءِ چوندس. صدر اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار خصوصي تقريب ۾ هلال امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، غيرملڪي سفيرن، مختلف را??دين سان واڳيل را??ديگرن، اڳوڻي اولمپيئنز ۽ آفيشلز ۽ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري سان ارشد نديم ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي?لا??_گیمز/105672.html"> تي ارشد نديم جو ??وچ سلمان اقبال بٽ، بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ محمد ياسر پيرزاده ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته ارشد نديم اولمپڪ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو مقام فخر سان بلند ڪيو آهي، هن ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي، مسلسل محنت ۽ لگن کي ساراهيو. ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم 92.97 ميٽر ٿرو ڪري اولمپڪ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. صدر سندس شاندار ڪاميابي، محنت ۽ لگن کي ساراهيو جنهن نه رڳو پاڪستان جو نالو بلند ڪيو پر سڄي ملڪ جي لاتعداد نوجوان را??ديگرن کي پڻ متاثر ڪيو. صدر پاڪستان ۾ ٻين را??دين خاص طور?لا??_گیمز/105672.html"> تي سنگلز کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت?لا??_گیمز/105672.html"> تي زور ڏيندي چيو ته را??دين جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته را??ديگرن جي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڊومنٽ فنڊ ۾ 250 ملين رپين جو حصو وجهڻ لاءِ چوندس. هن چيو ته ارشد نديم نوجوانن کي رڪاوٽون عبور ڪرڻ ۽ عالمي سطح?لا??_گیمز/105672.html"> تي راندين جي ميدان ۾ سڃاڻپ ٺاهڻ جو حوصلو ڏنو آهي، اميد آهي ته ارشد نديم مستقبل ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪندو رهندو. اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم هلال امتياز جو ايوارڊ ڏيڻ?لا??_گیمز/105672.html"> تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي?لا??_گیمز/105672.html"> تي هن جيولين ٿرو ايونٽ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن پنهنجي خاندان ۽ قوم جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن?لا??_گیمز/105672.html"> تي پڻ ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري ارشد نديم جي ڪاميابي ۾ رهنمائي?لا??_گیمز/105672.html"> تي ??وچ سلمان اقبال بٽ جي خدمتن کي پڻ ساراهيو.