اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي و??جائيندي چيو آ??ي ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪر?? ۽ ??رڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فراهم ڪرڻ واريون پاليسيون جوڙي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپنيءَ سميت گڏيل سيڙپڪاري ڪمپنين جي نمائندن سان جائزي و??ري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڪمپنين جي اڳڀرائي، چئلينجز ۽ مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي ڪمپنين جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. سي اي او پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي بي آءِ سي ايل) ڪمپني جي پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ اهم قدمن جي باري ۾ مختصر جائزو پيش ڪيو. هن ناڻي و??ري و??ير کي پاڪستان ۽ برونائي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پي بي سي آءِ ايل جي ڪ??دار جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته مالي خدمتون، ريئل اسٽيٽ ۽ ايس ايم اي جي مدد جي ذريعي صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي سهولت فراهم ڪئي و??ي آهي، ڪمپني انهن شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ڪ??ي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻه طرفي و??پار ۽ اقتصادي استحڪام کي هٿي ملي رهي آهي. سي اي او سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپني ملڪ ۾ اسلامي ماليات، ڊجيٽل فنانس، واپار، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ ڪمپنيءَ جي اهم ترقياتي قدمن جي باري م بريفنگ به ڏني. اجلاس ۾ انهن ڪمپنين جي آپريشنز جي مختلف پاسن سيڙپڪاريءَ سميت حڪمت عملي، ڪارڪردگي جي جاچ ۽ ڪيترين رڪاوٽن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڪمپنين پنهنجي ڪ??ميابين ۽ چئلينجز جو جائزو پيش ڪيو ۽ آپريشنل رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ ل??ءِ پاليسي سپورٽ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي و??ري و??ير ٻنهي ڪمپنين جي ڪ??دار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ هدف جي حاصلات جي حوالي سان سعودي عرب جو ويزن 2030ع ساراهه جوڳو آ??ي ۽ پاڪستان ان حوالي سان سعودي عرب جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ناڻي و??ري و??ير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ٻنهي ڪمپنين جي ڪ??دار ۽ منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪر?? ۽ ??رڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فراهم ڪندڙ پاليسيون جوڙيون پيون وڃن.