ڪوئيٽا-04 سيپٽمبر (ا?? پي پي) بلوچستان ۾ ڪ??نگو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن. ڪانگو سبب متاثر مريضن جو انگ 26 ٿي ويو آهي. فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊيزيز جي انتظاميه م??اب?? ڪوئيٽا جي علائقي خروٽ آباد جي رهواسي 55 ورهين جو عبدالمجيد ۽ لورالائي جو رهواسي 60 ورهين جي خان محمد کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جن جي ٽيسٽ جا نمونا ليبارٽري موڪليا ويا، جنهن جا نتيجا پازيٽو آيا آهن. بلوچستان ۾ ڪ??نگو وائرس سبب متاثر مريضن جو انگ 26 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5 ڄڻ?? ڪانگو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.