اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سينيئر اينڪر ۽ صحافي عاصمه شيرازي ۽ سچ ٽي وي جي عاصم شيرازي جي وڏي ڀ??ءُ م??سن شيرازي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحوم جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ سندس گهرڀاتين ک?? صبر جميل عطا فرمائي.