اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ختم نبوت صلي الله عليه و??له و??لم جو عقيدو اسان جي روح جو حصو آهي، دين مرد ۽ عورتن جي تعليم کي حڪم ڏئي ٿو، نياڻين کي علم جي زيور سان منور ڪرڻ ضروري ??هي، نياڻين کي تعليم کان محروم ڪندڙن خلاف سخت کان سخت قانون بڻايو وڃي، هڪجهڙو تعليمي نظام دين ۽ دنيا لاءِ لازمي آهي. 49هين قومي سيرت النبي صلي الله عليه و??له و??لم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪجهڙو تعليمي نظام دين ۽ دنيا لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ سوشل ميڊيا نوجوان طبقي کي بدتهذيبي سيکاري ??هي?? سوشل ميڊيا جو مثبت انداز ۾ استعمال ضروري ??هي، عدل جو نظام درست هئڻ م??اشري ??ي ترقي جو لازمي جُز آهي، اسان جا مسئلا تعليم ۽ تربيت سان واڳيل آهن. ان موقعي تي ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان علامه طاهر محمود اشرفي تجويز پيش ڪئي ته مذهبي معاملن واري وزارت ملڪ ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ اقليتي اڪابرين به شامل هجن، اسان جو دنيا عورتن ۽ اقليتن جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ختم نبوت صلي الله عليه و??له و??لم اسان جي روح جو حصو آهي، دين جي بقا الله تعاليٰ ۽ نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم سان وفا ۾ آهي.