اپيا، سموا-26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊا?? جي اپيا، سموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (CHOGM2024) جي موقعي تي برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي ڌرين ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي حصيداري کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ ۽ ان کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪ برطانيه لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ سميت ??ختلف معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊا?? برطانوي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.