اس??ام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته
اڱاري ڏينهن جي صبح ڪراچي ۾ نجي گارڊ سان جهيڙي کانپوءِ فائرنگ ??ي نتي??ي ۾ ٻه چيني شهري زخمي ٿيا، زخمين کي فوري طور تي اسپتال آندو ويو ۽ اهي علاج هيٺ آهن، اسان زخمين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پاڪستان ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ اس??ام آباد ۾ چيني سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين ويجها حصيدار ۽ مضبوط ڀائر آهن جيڪي گڏيل ??حترام ۽ گڏيل ??قدير جي ٻنڌڻن ۾ متحد آهن. پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ۽ پاڪستان ۾ ادارن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.