اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? پيپلز پارٽي جي نائب صدر ??ين??ٽر شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي سان تمام واضح مؤقف آهي، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف تشدد صرف هڪ فرد جو ذاتي مسئلو ناهي پر هڪ سماجي مسئلو آهي جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن کي نقصان پهچائي ٿو. ??ين??ٽر شيري رحمان چيو ته پ پ جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي سان تمام ئي واضح مؤقف آهي، اسان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاهي، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي اهم قدم کنيا آهن، ان سلسلي ۾ غيرت جي نالي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ جي منظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ان کان علاوه ??ين??ٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل جي منظوري ڏني، اهي قانون پاڪ??تا??ي معاشري ۾ رائج انهن سماجي روين کي چئلينج ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهن جيڪي عورتن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته اهو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته گهريلو تشدد، هراسان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙ?? مختلف قسمن جي صنفي تشدد پاڪ??تا?? ۾ لکين عورتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان کي روايتي روين جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪو عورتن خلاف تشدد جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪ??تا??ين کي اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي تشدد خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.