اسلام آباد _26 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي سرينگر هاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس جي جوانن تي شر پسندن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ ملوث سمورن شر پسندن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو و??ند?? . هن شهيدن جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي . گهرو وزير رينجرز ۽ پوليس جي زخمي جوانن جي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن چيو ته رينجرز جي شهيد ??وانن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. رينجرز جي شهيد ??وانن فرضن جي ادائيگي دوران زندگيون قربان ڪيون . رينجرز جي شهيدن جي خاندان سان گڏ آهيون ۽ هميشه گ?? رهنداسين.