اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) و??تي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪ??ت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پراپرٽي جي تحفظ جي ل??ءِ خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي بل جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، بل تحت خصوصي عدالتون اوورسيز پاڪستانين جي ملڪيتن تي ناجائز قبضي بابت مسئلا 90 ڏينهن ۾ اڪلائينديون، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب و??تي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??تي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اوورسيز پاڪستاني مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي مفادن جي تحفظ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. و??تي صدر سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ل??ءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي ل??ءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو.