راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي ن??رڪو ٽڪس (اي اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ چئن ڪارراوين جي ن??يجي ۾ 4 جوابد??ر گرفتار ٿيا، اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل تفصيلن موجب ڪاررواين دوران 20 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام منشيات ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ??نڊو ڄام يونيورسٽي ويجهو جوابدارن جي قبضي مان 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي ويجهو جوابدارن وٽان 2 ڪلو چرس ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو. تر??مان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻين ڪاررواين دوران سيال??وٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور ويجهو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف جي تر??مان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.