اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قا??ون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پارليامينٽ طرفان جاچ اِدارن جي قيام جي حوالي سان قا??ونسازي آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، صوبن ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ صوبن جو مينڊيٽ آهي، ان حوالي سان صدر ??ملڪت جون هدايتون به آهن، اسان ان حوالي سان احتياط ڪريون ٿا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ حنيف عباسي رٿ پيش ڪئي ته جديد علم ۽ ٽيڪنالاجيز بابت ويسٽ منسٽر يونيورسٽي بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته ثمينه خالد گهرڪي طرفان اهو بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت رٿ پيش ڪئي وئي. جنهن تي قا??ون ۽ انصاف واري وفاقي وزير راءِ ڏني هئي ته صوبن ۾ يونيورسٽين جو قيام صوبن جو آئيني حق آهي. پارليامينٽ طرفان جاچ ادارن جو قيام آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، جڏهن ته صدر ??ملڪت پڻ ان حوالي سان هدايت نامو جاري ڪيو آهي ته وفاق ڪنهن به صوبي ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام جو بل آڻڻ کان پ??ريان حدن جو تعين ڪيو وڃي. بعد ۾ ميمبرن جي چوڻ تي اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.