لاهور – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ضلعي جي علائقي سراروغا ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج ت??سي?? پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جو??نن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ مان فتنه الخوارج ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خل??ف جنگ جاري رهندي.