اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي بر??در?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا قابل فخر برابر شهري آهن، پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پاڪست??ن کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻو آهي، تحريڪ پاڪستان ۽ ??ن کانپوءِ اڄ تائين تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ مسيحي بر??در?? جو نمايان ڪردار رهيو آهي. هو وز??راعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ پڻ خطاب ڪيو ۽ بشپ ڊاڪٽر جوزف اشرف ڪرسمس جو پيغام پڙهي ٻڌايو، مسيحي ٻارن ڪرسمس جا نغما پيش ڪيا. وز??راعظم پنهنجي خطاب ۾ مسيحي بر??در?? کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو جنهن جو قرآن پاڪ ۾ واضح ذڪر آهي ۽ هو الله جو پيغمبر آهي، اڄ بدقسمتي سان حضرت عيسيٰ جي پيدائش واري جڳهه تي معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي، اس??ن کي هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري دنيا ۾ جتي به عيسائي رهن ٿا گڏجي فلسطين ۾ ان رت جي هوليءَ کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪرڻو آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو، سندس مشن جي فروغ جي لاءِ فلسطين ۾ جنگبندي وقت جي ضرورت آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي بر??در?? امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهي آهي، انهن جون پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ??ن کانپوءِ تڪميل پاڪستان ۾ اڄ تائين نمايان خدمتون آهن، تعليم ۽ صحت جي ميدان، سرڪاري ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ سندن خدمتن، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ سميت پاڪستان جي لاءِ انهن جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. وز??راعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اس??ن کي گڏجي امن، ترقي جي سفر کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪرڻو آهي، فرق جو خاتمو ڪرڻو آهي، پنهنجي پنهنجي جذبن کي ضابطي ۾ رکي برداشت ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو آهي، اقليتن جي حقن جو خيال رکڻ جو عزم ڪرڻو آهي، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻو آهي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي پاڪستان جو باوقار شهري سمجهن. وز??راعظم چيو ته اس??ن کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ان پيغام کي هر جڳهه ڦهلائڻ گهرجي ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي قائد جي پاڪست??ن کي عظيم تر بڻائڻو آهي. هن چيو ته اڄ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ پيدائش جو ڏهاڙو آهي، ان جي ڪري به ان ڏينهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته باباءِ قوم جو اقليتن جي حوالي سان اهو بيان اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا برابر قابل فخر شهري آهن، انهن جي ڀلائي ۽ ترقي اسان جي ايجنڊا جو بنيادي نقطو آهي. وز??راعظم پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي بر??در?? کي يقين ڏياريو ته توهان جو تحفظ ڀلائي، خوشحالي ۽ ترقي اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان اها ذميواري ڀرپور طريقي سان ادا ڪندا رهنداسين. هن ان موقعي تي ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن کي ساراهيو. ان موقعي تي وز??راعظم شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.