لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ار?? رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خان??ان?? کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خان??ان?? مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خان??ان?? کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ار?? رپيا مستحق خان??ان?? ۾ ورهايا وين??ا. ??اڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.