اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص ??ددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جا??ي آهي، شوگر انڪوائري ڪميشن جي رپ??رٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگ?? ملز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص ??ددگار شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميشن جي انڪوائري رپ??رٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضرو??ي آهي. هن چيو ته جڏهن 2009ع ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽلائيزيشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگ?? ملز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگ?? ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏهن کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ۽ واعدي موجب انڪوائري رپ??رٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي رپ??رٽ پبلڪ نه ڪئي وئي هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپ??رٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.