اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽي??نا??اجي جي فروغ ??ان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي ??ان ترقي ممڪن آهي، زراعت پاڪستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽي??نا??اجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، پاڪستان موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪري صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻڻ ??ان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪ??وڙ ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي، اها ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، ا??ان ان ڊيٽا جي تجزيه ??ان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.