اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني مص??وعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان خدشا مص??وعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙ??ال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مص??وعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مص??وعات جي معيار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مص??وعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.