اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر رياست کي متحد رهڻ گهرجي، پاڪستان جيواسٽريٽجڪ اڪنامڪ حب آهي، حڪو??ت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، قومي ??طح تي عالم سڳورن سان سٺا رابطا آهن. نجي ٽي وي کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ ??ن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيون، ڀارت هر فورم تي پاڪستان جي خلاف پروپئگ??ڊه ڪئي پر هو پاڻ ذليل ٿيو.