اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل ممڪن نه آهي، افغان مسئلي جو حل افغانين تي ٻڌل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، افغان ان عمل کي ناڪام بڻائيندڙن کان اسان کي هوشيار رهڻو پوندو، سموريون افغان ڌريون جنگبندي ڪن. وزيراعظم ميڊيا آف??س پاران جاري پ??رائي موجب طالبان پوليٽيڪل ??مي??ن جي وفد ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ??ور??ن افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي.