اسلام آباد – 29 –; ڊس??بر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ?? چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي ??عاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ?? چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن. ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، چين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي ??عاملن تي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي۽ عالمي ??ورمن تي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.