اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي، پاڪس??ان ڀائر ملڪ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاه?? ٿو. اها ڳالهه هن سعودي عرب جي لاءِ پاڪس??ان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ ج??رل (ر) بلال اڪبر سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوا?? صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر چيو ته پاڪس??ان سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏ?? ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو رشتو آهي، صدر چيو ته پاڪس??ان ڀائر ملڪ سعودي عرب سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاه?? ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عارف علوي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد سفير کي تاڪيد ڪئي ته هو سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.