اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ جي چونڊ سڌارن تي ڳالهين کا?? فرار انتهائي افسوسناڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اهو چوڻ ته سڌارن جو عمل پارليامينٽ بدران اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي ظاهر ڪري ٿو ته انهن کي نظام جي سمجهه نه آهي ۽ نه ئي سڌارن ۾ ڪا دلچسپي، سدائي?? سازش سان اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ڇو سڌارن جي ڳالهه ڪندي؟